اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته پاڪستان جي انگيج آفريقا پاليسي جو مقصد آفريقي ملڪن سان سفارتي لاڳاپن ۽ اقتصادي ر??بطن کي فروغ ڏيڻ آهي، پاڪستان جلد ئي جبوتي ۾ پنهنجو ريزيڊنٽ سفارتي مشن قا??م ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمهوريه جبوتي جي قومي اس??مب??ي جي صدر محمد علي حامد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارلياماني وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پڻ موجود هو. وزيراعظم جبوتي جي وفد جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏ??ل مذهب ۽ قدرن تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ۾ مڪمل هم آهنگي آهي.