اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مڇ جو دل ڏکوئيندڙ واقعو انتهائي مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ آهي، ٻاهريون دشمن پاڪستان کي عدم استحڪام پهچائڻ چاهي ٿو ۽ مسلسل حملا ڪري رهيو آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها به آهي ته اهڙين حالتن ۾ ٻئي طرف ع??ام جا رد ڪيل سياس?? عنصر شعوري يا غيرشعوري طور تي انهن ٻاهرئين حملي آورن جو هٿيار بڻجي ??لڪ جي اندر افراتفري ۽ انتشار پکيڙي رهيا آهن.