اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان گلگت بلتستان قانونسازي اسيمبلي جي اسپيڪر ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين سيد امجد علي کي گلگت بلتستان قانون??از اسيمبلي جو اسپيڪر چو??ڊجڻ تي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اداره جاتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان جي پارلياماني خدمتن ??ابت اداري ۽ گلگت بلتستان قانون??از اسيمبلي جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ وڌائڻ تي غور ڪيو ويو.