اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته پي ڊي ايم ??الي سازشي جٿو بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي ووٽ جي خريد ۽ وڪري، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي ڪمائي بچائڻ چاهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ جي خريد ۽ وڪري جي وڊيو تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وڊيوز ۾ نمايان اُهو شرمناڪ طريقو جنهن ک?? سياستدان سينيٽ ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ استعمال ڪن ٿا، هڪ ٻئي پٺيان مڙهيل حڪمران اشرافيه جنهن قوم کي قرض ۾ ٻوڙيو، جي هٿان قومي اخلاقيات جي مڪمل تباهي جي عڪ??سي آهي. ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو اهو دور اسان ج?? سي??سي اشرافيه جو هڪ ڪڌو داستان آهي. وزيراعظم چيو ته هي اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ پئسو استعمال ڪن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي اقتدار جي استحڪام لاءِ سرڪاري آفيسرن ۽ ميڊيا سميت ٻين فيصلاسازن جي خريداري جي ڏس ۾ مال ٺاهڻ ۽ قوم کي ڦري پرڏيهي کاتا ڀرڻ/ اثاثا ٺاهڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن جي خريداري جي لاءِ مني لانڊرنگ جي لاءِ پنهنج?? سي??سي قوت استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته پي ڊي ايم ??الي سازشي جٿو هاڻي بدعنوان دوست نظام جي حمايت ذريعي اهو ئي سڀ ڪجهه ته بچائڻ چاهي ٿو. عمرا?? خان چيو ته اسان قوم جي ڪمزوري بڻجندڙ بدعنواني ۽ مني لانڊرنگ جي ان سلسلي جي خاتمي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون.