اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پريس انفارميشن ڊپارٽم??نٽ (پي آءِ ڊي) جو دورو ڪيو جتي پي آءِ او سهيل علي کيس حڪومتي قدمن کي اج??گر ڪرڻ، پي آءِ ڊي جي آپريشنل معاملن، اشتهار جاري ڪرڻ بابت معاملن تي بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت قدمن کي اج??گر ڪرڻ جي لاءِ پي آءِ ڊي جو اهم ڪردار آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت پاران ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي سنسرشپ نه آهي، حڪومت ميڊيا جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن، هن دور ۾ مڪمل ٿيندڙ ??نصوبن، ان جي عوام تائين ثمر، عوام جي سامهون آڻينداسين. هن چيو ته احساس پروگرام، ڪامياب جوان پروگرام، پناهگاهن، لنگر خانن جهڙن منصوبن جي باري ۾ عوام کي بهتر انداز کان آگاهه ڪرڻ آهي.