اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وقت سر ويڪسين لڳائڻ ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد سان ڪورونا وائ??س جي وبا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، عوام جو رضاڪاراڻي طور تي ويڪسين لڳائڻ سٺي ڳالهه آهي، جنهن جو مثال ترقي يافته ملڪن ۾ به گهٽ ملي ٿو، هندستان جهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ ادارن ۽ عوام کي گڏجي ڪورونا وائ??س جي وبا کان بچاءُ لاءِ قدمن کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن اه??ن خيالن جو اظهار سڄي ملڪ ۾ جاري ڪورونا ويڪسينيشن مهم جي حوالي سان اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.