اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچس??ان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي?? گوادر بندرگاهه جي ترقي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري سان علائقائي واپار کي فروغ حاصل ??يندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر محمد قاسم خان سوري ۽ بلوچس??ان جي گ??رنر سيد ظهور آغا سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچس??ان جي گ??رنر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صوبي جي ماضي جي محرومين جو ازالو ڪرڻ لاءِ بلوچس??ان تي خاص ڌيان جي ضرورت آهي، وفاقي حڪومت بلوچس??ان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي بلوچس??ان پيڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ايندي. وفاقي حڪومت بلوچس??ان کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومت صوبي جي نوجوانن کي سکيا ۽ کين روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. صدر چيو ته گوادر بندرگاهه جي ترقي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري سان علائقائي واپار کي فروغ حاصل ??يندو.