اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? ٻن ترڪ شهرين ڊاڪٽر سلامي ڪل??چ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر جلال س??يد??ن کي استنبول ۾ اعزاز ورهائڻ واري خصوصي تقريب ۾ ايوارڊز ڏنا. صدر عارف ??لو?? ڊاڪٽر سلامي ڪل??چ کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض ستاره امتياز سان نوازيو. ڊاڪٽر سلامي پاڪستان ۾ 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو هو. پاڪستان ۾ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ ڊاڪٽر سلامي ڊيره مراد جمالي ۾ هڪ فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪئي هئي. هو مظفر ڳڙهه ۾ رجب طيب اردوان اسپتال قائم ڪرڻ ۾ به اڳتي رهيو. صدر پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض پروفيسر ڊاڪٽر جلال س??يد??ن کي ستاره قائداعظم جي ايوارڊ سان نوازيو. هو استنبول يونيورسٽي ۾ اردو شعبي جو سربراهه آهي. ڊاڪٽر جلال پنهنجي ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ ترڪي زبان ۾ اردو ۽ اردو ادب جي فروغ لاءِ نمايان خدمت??ن سرانجام ڏنيون آهن. ڊاڪٽر جلال 20 ڪتابن جو ليکڪ آهي جڏهن ته قومي ۽ عالمي رسالن ۾ اردو ۽ ترڪيءَ ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر جلال اقباليات جي شعبي ۾ پڻ نمايان خدمت??ن سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽر جلال علامه اقبال جي لکڻين ۽ ارمغان حجاز، ضرب ڪل??م، بال جبريل، بانگ در ۽ اسلام ۾ مذهبي فڪر جو ترڪ زبان ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي.