اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن وا??ي صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ ريلوي وا??ي وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان ??واتي چيو آهي ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي بل کي ڊيگهه ڏئي حڪومتي قانونسازي کي بلڊوز ڪيو ويو، صدر جي خطاب لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي اهو بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظوري لاءِ موڪلينداسين، ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي يقين ڏياريون ٿا ته انهن کي ووٽ جو حق ضرور ملندو، مخالف ڌر ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي ووٽ جو حق ڏيڻ کان ??ن لاءِ ڊنل آهي ته اهو ووٽ عمران ??ان کي ملندو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن وا??ي صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سڌارن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي مان ??ل تي هڪ تجويز به مخالف ڌر پاران نه آئي?? قومي اسيمبلي مان ??ل منظور ٿيڻ کانپوءِ 90 ڏينهن جي اندر سينيٽ مان منظور ڪرائڻ ضروري آهي، اسان نئين روايتي قائم ڪئي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميتي ۾ پيش ٿياسين جتي اسان ??ليڪشن ڪميشن آڏو ان پاران ??ٿاريل اعتراضن تي سوال رکڻ چاهيو پئي جڏهن ته ائين پهريون ڀيرو ٿيو جو جنهن اداري جي لاءِ اسان قانونسازي ڪرڻ چاهيون ٿا اهو اجلاس مان ??ٿي هليو وڃي. هن ٻڌايو ته ڪميٽي جي چيئرمين بلوچستان مان ??ورت سينيٽر کي وڊيو لنڪ ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ کان ??نڪار ڪيو، اڄ سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي وڊيو لنڪ ذريعي ٿئي ٿي، مخالف ڌر پهريون ڀيرو حڪومتي قانونسازي کي بلڊوز ڪيو ان ??مل سان مخالف ڌر بي نقاب ٿي، اها سڌارن جي دشمن، اسٽيٽس ڪو ۾ ٻڌل آهن، اهي ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي اقتدار ۾ حصيداري جا دشمن آهن. هن چيو ته ڌانڌلي سان مخالف ڌر اڳواڻ ٺاهڻ جا الزام هڻندڙن هڪ ٻئي کي تسليم ڪري ورتو، انهن کي خطرو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جو ووٽ عمران ??ان کي ملندو. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي خوشخبري ڏني ته انهن جو بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کڻي وينداسين. هن چيو ته 13 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري رهيا آهيون جتي صدر جي خطاب سان گڏ چوٿين پارلياماني سال ج?? شروعات ڪري رهيا آهيون جنهن کانپوءِ اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائينداسين، اتي ان قانون کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ڏانهن موڪلينداسين. هن سوال ڪيو ته ڇا اهو اتفاق آهي ته هڪ طرف سڌارا ڪندڙ آهن ۽ ٻئي طرف سمورا اسٽيٽس ڪو وا??ا ان ??ا مخالف آهن. هن چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت جلد کان ??لد اها قانونسازي ڪندي، حڪومت نيب جي قانونسازي ??و ذمو کنيو ته مخالف ڌر ان ??ي آڙ ۾ اين آر او گهريو پر حڪومت اهو بل به منظور ڪرايو. ريلوي وا??ي وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي چيو ته پاڪستان ??ي جمهوريت جي اساس ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ حڪومت سڌارا آڻي رهي آهي، گذريل سال آڪٽوبر ۾ 49 ترميمون پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون، صدر 2 سالن کان ??ي وي ايم جي لاءِ لاڳيتو ايوان ??در ۾ اجلاس ڪندو رهيو جنهن ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي ماهر پن شرڪت ڪندا رهيا آهن. هن چيو ته اهي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون اليڪشن ڪميشن جي ضرورت موجب آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ ٽيڪنالاجي طرف وڃڻ ضرورت آهي، اليڪشن ڪميشن جو اهو صوابديد آهي ته اها پنهنجي معيار موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي چونڊ ڪري. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪندي اسان مخالف ڌر کي شڪست ڏينداسين، 2023ع جون چونڊون صاف، شفاف ٿينديون. هن چيو ته پارليامينٽ بالادست ادارو آهي، سنڌ ۾ ناڪام طرز جمهوريت کي حقيقي جمهوريت سان ??عبير نه ٿو ڪري سگهجي، شفاف چونڊن جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ضروري آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس مان ??ليڪشن ڪميشن جي واڪ آئوٽ جي حوالي سان ??وال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪو آئيني ادارو پنهنجو پاڻ کي جيڪڏهن آئين کان مٿانهون سمجهي ٿو ته اهو ئي ائين ڪري سگهي ٿو، دنيا ۾ بئنڪنگ، عدليه، انتظاميا سميت هر ادارو ٽيڪنالاجي طرف وڃي چڪو آهي.