لاهور – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته گلوبل پورٽل جاري ڪرڻ سان پر??يه?? ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ميسر اين??ي ۽ انهن جو پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد بحال ٿيندو، سمنڊ پار پاڪستانين کي جيستائين محفوظ ماحول فراهم نه ٿيندو اهي سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندا، معيشت جي ترقي امن ۽ امان جي بهتر صورتحال ۽ قانون جي عملداري سان ڳنڍ??ل آهي، دولت جي پيداوار (ويلٿ ڪريئيشن) وسيلي ئي ملڪي معيشت ترقي ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيف سٽي اٿارٽي، دائره ڪار، ڪارڪرد??ي ۽ پوليس خدمت مرڪز جي گلوبل پورٽل جاري ڪرڻ تي بريفنگ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.