اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪپهه جي بحالي ۽ ان شعبي ۾ ملڪي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي حوالي سان سمورين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ موجود اتفاق راءِ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪپهه جي بحالي سان آبادگار ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبي کي فائدو ٿيندو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي، وزيراعظم چيو ته هڪ زر??ي ملڪ هجڻ جي ناتي زر??ي شعبي ۾ ريسرچ جو فروغ وقت جي اهم ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته حڪومت پاران نيشنل ايگريڪلچر ايمرجنسي پروگرام جو مقصد زر??ي شعبي کي درپيش مسئلن کي ختم ڪندي جديد ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ پيداوار ۾ اضافي کي يقيني ب??ائ?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪپهه جي بحالي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.