اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته مون کي اهو چوندي انتهائي فخر محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستاني ق??م ڪنهن به مصيبت ۽ مشڪل جو مقابل?? ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن سال پاڪستان جو ڏهاڙو ملهائيندي اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد، نظم ۽ ضبط ۽ جذبي جي ضرورت آه?? ته جيئن اسان هن آفت جو مقابل?? ڪري سگهون جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رکيو آهي. وزيراعظم عمران خان 23 مارچ جي موقعي تي ق??م جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن کي پنهنج?? تهذيبي تشخص کي وڌائڻ، مذهبي آزادي ۽ ترقي جا برابر حق مليا جي??ي متحده هندستان جي هندو اڪثريت ان??ن کان سلب ڪرڻ پئي چاهيا.