اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن وفاقي ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندي پنهنجي عزم کي ورجايو آهي ته اسان پاڪستان ??ي موجوده صديءَ جي سڀ کان وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهيون، اسان جي ٽيم ڏينهن رات ??ورتحال کي مانيٽر ڪري رهي آهي، وزيراعظم واضح ڪيو ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جيڪو پاڪستان کي ترجيحي بنيادن تي ضروري شيون مهي?? ڪري رهيو آهي، ڪرونا وائرس جي عالمي، علائقائي ۽ ملڪي سطح تي صورتحال جو جائزو وٺن??ي وقت سر قدم کنيا پيا وڃن، عوام جي لاءِ معاشي رليف پئڪيج ان سلسلي جي اهم ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏين??ي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ??ابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خ??ن ڳالهائيندي چيو ته ڪرونا وائرس جي وبا پوري قوم جي لاءِ پريشاني جو سبب آهي، اسان هر رخ جو باقاعده جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ عوامي مفاد ۾ بهترين فيصل?? ڪري رهيا آهيون.