اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ پا??ست??ن جي ماهيگيري جي پاليسي بابت اجلاس هتي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيو، ايوان صدر ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ميري ٽائيم افيئرز جو سيڪريٽري رضوان احمد ۽ وزارت ج?? اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ساموندي معاملن واري وفاقي وزير صدر کي پا??ست??ن جي ماهيگيري جي شعبي کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن کان آگاه ڪيو، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ پائيدار ماهيگي??ي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پا??ست??ن ۾ ماهيگيري جي شعبي جي استحڪام سان پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.