اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ پارليماني رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙ?? خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين آذربائيجان جي اسپيڪر سان پارليامينٽ هائوس ۾ آن لائن ميٽنگ جي دوران ڪيو، سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻئي م??ڪ غربت، انساني حقن جي بهتر فراهمي، برابري، د??شت??ردي، انتهاپسندي ۽ موسمي اثرن جهڙن چئلينجن لاءِ گڏيل لائحه عم?? اختيار ڪري بهتري آڻي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) ۽ ايشين پارلياماني اسيمبلي (اي پي اي) جا ميمبر ملڪ آهن ۽ ٻنهي م??ڪن جي پارليامينٽ ان گهڻ رخي فورمز مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون.