اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اي??ڊ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس هتي ٿيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي اي?? بي آر جي چيئرمين آن لائين رجسٽريشن سسٽم ۽ آگاهي سيمينار جي حوالي سان بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ آگاهي سيمينار منعقد ڪيا ويا آهن، ڪنسٽرڪشن شعبي سان جڙيل 112 ماڻهو ۽ ڪمپنيون اي?? بي آر سان رجسٽر ٿي چڪيون آهن جيڪي 123 منصوبن تي ڪم ڪندا، سنڌ جي چيف سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته سيڙپڪارن جي لاءِ ون ونڊو پورٽل ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن تحت سنڌ ۾ 19 منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي، 75 منصوبن لاءِ اي?? او سي جاري ڪئي وئي آهي، منصوبن جي نگراني لاءِ ڪميٽي نوٽيفائي ڪئي وئي آهي، جنه?? ۾ ??رائيويٽ سيڪٽر جا نمائندا به شامل آهن.