اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان فوج خلاف ڳالهائڻ تي نواز شريف کي هر صورت ۾ واپس آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان گدڙ کي هاڻي ??ا وي آءِ پي جيل نه ملندي کيس عام قيدين وانگر رکيو ويندو، گوجرانوالا ۾ سرڪس ج?? اداڪارن کي واضح چوان ٿو ته هاڻي انهن کي نه ڇڏيندس. ڪنوينشن سينٽر ۾ ٽائيگر فورس پورٽل جي افتتاح جي موقعي تي ملڪ جي مختلف علائقن مان آيل ٽائيگرز کي خطاب ڪندي وزيراعظم عم??ان خان چيو ته ڪنهن به رضاڪار فورس جو معاشري ۾ هڪ تمام وڏو مقام هوندو آهي، رضاڪارن جو سڀ کان وڏو ڪم شهرين جي ضرورتن ۽ حقن جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي ۽ جمهوريت ۾ ان کي هڪ منفرد مقام حاصل آهي، جڏهن ڪنهن معاشري ۾ مشڪلاتون اچن ٿيون ته زندهه معاشري جا شهري رضاڪاراڻي طور تي حڪومت جي مدد ڪن ٿا، پاڪستاني قوم تي به جڏهن ڪو مشڪل وق?? آيو پوري قوم پنهنجي ملڪ جي لاءِ بيٺل رهي، 28 مارچ کان ٽائيگر فورس جي قائم ٿيڻ کان هيستائين جيتريون به سرگرميون ان فورس ڪيون انهن تي پوري قوم پا??ان ٿورا مڃان ٿو ۽ ڀليڪار چوان ٿو.