اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) ڊيوٽي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ شهزاد خان قومي خابرو اد??ري اي پي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي ??ڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي تحقيقاتي اد??ري ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سيل محمد غواث خان (پراجيڪٽ ڊائريڪٽر) مصور عمران (ڊپٽي ڊائريڪٽر) ۽ سعد مدثر (چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪري، موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کان وڌيڪ جاچ گهربل آهي، انهن جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ??ڃي?? ٻڌڻي دوران اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر ناليو??ري قانوندان سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته جوابدار پروڪيورمينٽ ڪميٽي جا مي??بر هئا. هنن جعلسازي ڪري سرڪ??ري ناڻي کي 124 ملين رپين جو نقصان پهچايو. جوابدارن کان سرڪ??ري رقم رڪور ڪرڻ لاءِ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. جوابدارن جي وڪيلن جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي. دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي ??ڌيڪ 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.