ڪنڊيان/ اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڻ پوکڻ نبي پاڪ صه جي سنت آهي، پاڪستان جي لاءِ وڻڪاري ڪيتري اهم آهي، نوجوانن ۽ اسان جي ٻار?? کي ان جو احساس نه آهي، پاڪستان ۾ ٻيل?? کي اکين سان تباهه ٿيندي ڏٺو، ڪنديان جي ٻيلن جو تحفظ مقامي ماڻهن جي ذميواري آهي، پنجاب جو وڏو وزير ٻيلن تي قبضو ڪندڙ?? کي جيل ۾ وجهي. ڪنڊيان ۾ گرين پاڪستان مهم تحت بهار موسم جي وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪند?? و??يراعظم عمران خان چيو ته اڄ آئون هتي هڪ خاص مقصد جي لاءِ آيو آهيان ڇو ته اسان جي ٻارن ۽ نوجوان?? کي ان ڳالهه جو احساس نه آهي ته پاڪستان جي لاءِ وڻڪاري ڪيتري اهميت رکي ٿي.