اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعظم ڪرونا وائرس رليف فنڊ ۽ ٽائيگرز فورس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ مڪمل لاڪ ڊائو?? جي سٽ نٿو سهي سگ??ي، جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ٿيو ته غريب طبقو گهڻو ??تاثر ٿيندو، چين جهڙيون معاشي حالتون هجن ها ته پورو ملڪ بند ڪري ڇڏيان ها، ملازمن کي بيروزگار نه ڪندڙ صنعتن کي آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا، اسان وسيلن ۾ رهندي رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو آ??ي، ذخيره اندوز?? جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪرونا جي خلاف جنگ هڪ قوم بڻجي کٽي سگهون ٿا، اها بيماري پوڙهن ۽ بيمارن ۾ وڌيڪ پکڙجي ٿي، ڊفنس ۽ اسلام اباد جا سيڪٽر بند ڪرڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، قوم کي خطاب ۾ وزيراعظ?? عمران خان چيو ته ڪرونا وائرس جڏهن چي?? جي صوبي ووهان مان شروع ٿيو ته چين فوري طور تي 2 ڪروڙ ماڻهن کي لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن کي به نڪرڻ نه ??نو ۽ سڀ کان اڳ ۾ جيڪڏهن ان بيماري تي ضآبطو آندو ته چين آندو، هن چيو ته اسا?? جي معاشي حالت اهڙي ناهي جو اسان ائين ڪريون.