اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده غيرمعمولي صورتحال ۾ لاڪ ڊائون کان وڌيڪ بک ۽ بدحالي خطرناڪ آهي، لاڪ ڊائون ڪورونا جو علاج ن?? عارضي قدم آهي، جيستائين معيشت بحال نه ٿي ٿئي غريب ۽ لاچار طبقي جون مشڪلاتون وڌنديون، ڪورونا جي روڪٿام ۽ حفاظتي تدبيرن جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، احتياطي تدبيرن بابت ع??ام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ گهرجي، پوليس ع??ام تي سختي بدران دوستاڻو رو???? اختيار ڪري، لاڪ ڊائون جي حوالي سان حڪومتي پاليسي بلڪل واضح آهي، ع??ام جي زندگين کي غيرضروري خطري ۾ وجهڻ کانسواءِ هر ان شعبي ۾ سهولت ڏني ويندي جنهن سان ع??ام ۽ خاص طور تي غريب ۽ سفيد پوش ماڻهن جو ڪاروبار واڳيل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.