اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري اڪيلا نه آهن، هر پاڪستاني انهن سا?? گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو سفير هجڻ جي حيثيت سا?? ڪيس وڙهي رهيو آهي، آئون اڄ ڪشميرين سا?? واعدو ڪريان ٿو ته جيستائين انهن جي قيادت جيلن ۾ آهي آئون انهن جي وڪ??لت ڪندس. استحصال ڏهاڙي جي حوالي سا?? خصوصي وڊيو پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اڄ آئون هڪ ڀيرو ٻيهر آزاد ڪشمير ۽ والاريل ڪشمير سا?? تعلق رکندڙ سمورن ڪشميرين کي باور ڪرائڻ چاهيان ٿو ته توهان اڪيلا نه آهيو، هر پاڪستاني توهان سا?? گڏ بيٺل آهي اسان کي توهان جي تڪليفن جو احساس آهي، والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جون خلاف ورزيون ۽ معصوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن کان دنيا بي خبر نه آهي، اڄ دنيا آڏو هندستان جو اصلي چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جي سفير هجڻ جي حيثيت سا?? ڪيس وڙهي رهيو آهي، آئون اڄ ڪشميرين سا?? واعدو ڪريان ٿو ته جيستائين انهن جي قيادت جيلن ۾ آهي آئون انهن جي وڪ??لت ڪندس.