اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ميڊيا صنعت کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل جي حوالي سان شفاف ۽ پائيدار پاليس?? ٺاهڻ لاءِ پرعزم آهيون، ريجنل اخبارن ۽ صحافين جي مسئلن کي نظر ۾ رکيو ويندو، سمورين ڌرين سان مشاورت جاري آهي ته جيئن پاليسي اتفاق را??ِ رکندڙ هجي، ڊمي اخبا??ن جي نشاندهي ۾ ميڊيا ڪردار ادا ڪري. اه??ن خيالن جو اظهار هن مردان پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدا??ن جي وفد هتي ملاقات جي دوران ڪيو. اطلاعات واري وزير شبلي فراز نون چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو، اطلاعات واري وزير نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.