اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي غيور عوام پاڪستان ڊيمو??ري??ڪ موومينٽ (پي ڊي ??يم) جي جلسي جو بائيڪاٽ ڪري ثابت ڪيو ته اهي س??اسي بصيرت رکندڙ باشعور ماڻهو آهن جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ??ري??ن ٿا، عدالتي حڪم اچڻ جي باوجود مخالف ڌر جو جلسن تي اصرار انهن جي عوام دشمني جي عڪاسي آهي. پي ڊي ??يم جلسي تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام وزيراعظم عمران خان جي اپيل تي نه رڳو پاڻ کي ڪورونا کان محفوظ رکيو پر پي ڊي ??يم جي عوام دشمن ايجنڊا کي پڻ ناڪام بڻائي ڇڏيو، جلسي ۾ ماڻهن جي گهٽ دلچسپي ۽ شرڪت خيبرپختونخواهه جي عوام جو ??خالف ڌر تي عدم اعتماد جو ??اضح اظهار آهي.