اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪ??مت معاشري جي محروم طبقن جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي، خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن جي معاشي خودمختياري حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي، حڪ??مت احساس پروگرام تحت 20 لک خصوصي ماڻهن کي مالي امداد فراهم ڪندي، ڪامياب جوان پروگرام تحت خصوصي ماڻهن کي ڪارو??ار لاءِ قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، حڪ??مت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪارو??ار لاءِ خصوصي ماڻهن کي قرض فراهم ڪري رهي آهي پر آگاهي نه هجڻ جي ڪري انهن قرضن ??ان خصوصي ماڻهن جو وڏو انگ فائدو نه کڻي رهيو آهي، ميڊيا خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهي پيدا ڪري ۽ معاشري ۾ خصوصي ماڻهن بابت تعصب جو ازالو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن ۾ خصوصي وهيل چيئرز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.