اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي حقيقي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي حوالي سان وڏن عالمن جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، عالمن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهندو ته جيئن ملڪ کي د??پيش مسئلن جي حل ۾ عالمن جي مشاورت ۽ رهنمائي جاري رهي، مسلمان امت ۾ فرق ۽ ويڇا پيدا ڪرڻ جي ناپاڪ سازشن جو مقاب??و ڪرڻ جي ڏس ۾ عالم سڳورن جي مسلسل تعاون جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عالم سڳورن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.