ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن جي حل ??اء?? گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون. اها ڳالهه هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن ??ي آفيس جي دوري جي موقعي تي چئي. پي بي اي جي عهديدارن ??ان ملاقات دوران ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ فروغ جي ??اء?? ڪوششون ڪندا رهنداسين. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ ??ي آزادي جي بنيادي آئيني ۽ جمهوري حق تي پڪو يقين رکي ٿي. هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايوسسيئيشن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو ته گڏيل تعاون ۽ مسلسل رابطن ??ان مسئلن جو حل ممڪن بڻايو ويندو.