اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ 2021ع ۽ سين??ٽ سيڪريٽر??ٽ سروسز (ترميمي) ايڪٽ 2021ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ تحت قومي ۽ عالمي واپار ۾ آساني لاءِ خودمختيار ادارو قائم ڪيو ويندو. روانگي واپار، آمدني واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ بابت سموريون سهولتون هڪ ئي نظام ۾ ميسر هونديون، اداري جي قيام ??ان ڪاروباري خرچن ۾ گهٽتائي ٿيندي. سرحد پار واپار آ??ان بڻائڻ ۽ سامان جي تيز ترين پهچ ۾ مدد ملندي. اداري جي قيام ??ان ڊيٽا جي وقت سر پراسيسنگ ۽ معياري خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، اداره گورننگ ڪائونسل ۽ سيڪريٽريٽ تي ٻڌل هوندو، سين??ٽ سروسز ايڪٽ تحت سين??ٽ سيڪريٽريٽ جي گريڊ 17 ۾ مقرري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ٿيندي، گريڊ هڪ کان 16 جي مقرري جو مجاز سين??ٽ سيڪريٽريٽ هوندو، ڊيپوٽيشن تي آيل آفيسر سين??ٽ سيڪريٽريٽ ۾ ضم نه ٿي سگهندا.