اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊيٽا ۽ ٽي??نالاجي جي استعمال سان پاڪستان ۾ اسان پهريون ڀيرو اهڙيون شفاف چونڊون ڪرائينداسين جنهن جا نتيجا سڀني جي لاءِ قابل قبول هوندا، حڪومت جو اصل ڪم شهرين جي زندگي آسان ڪرڻ آهي. وزيراعظم عمران خان نادرا هيدڪوارٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم نادرا جي نئين موبائيل رجسٽريشن وين منصوبي جو افتتاح ڪيو. دوري جي موقعي تي وزيراعظم کي ايلين رجسٽريشن ڪارڊ، پاڪ ڪووڊ – 19 موبائيل ويڪسينيشن پاس، قومي تصديق ۽ تجديد مهم ۽ نئين نادرا رجسٽريشن سينٽرز/ نئين موبائيل رجسٽريشن وين جي ??دم?? جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ان موقعي تي نادرا جي نيشنل ڊيٽا ويئر ??ائ??س ۽ آپريشن روم جو به دورو ڪيو. دوري دوران وزيراعظم چيو ته ايلين رجسٽريشن ڪارڊ جاري ڪرڻ سان غير ملڪين کي ڪاروبار جي باضابطه ڌا??ا ۾ شامل ڪري سگهبو، پاڪستان ۾ رهندڙ 30 لک افغان پناهگير آهن جنهن جي لاءِ نادرا جي ڊيٽا هجڻ اهميت رکندڙ آهي. انهن ??دم?? سان افغان پناهگيرن سميت ٻيا غير رجسٽرڊ ماڻهو قومي ڌا??ا ۾ شامل ٿي سگهندا. اهي بئنڪ اڪائونٽ کولرائي سگهندا جڏهن ته ڪاروبار به ڪري سگهندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت جو اصل ڪم شهرين جي زندگي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، ڊيٽا ۽ ٽي??نالاجي جو استعمال ڪري پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ اسان اهڙيون چونڊون ڪرائينداسين جنهن جا نتيجا سڀني لاءِ قابل قبول هوندا. نادرا جي ڊيٽا کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن سان ڳنڍي اسان 21 هين صدي جون بهترين چونڊون ڪرائينداسين، انهن ??دم?? سان جعلي ووٽ ۽ ٽپي ??سٽ?? جو خاتمو ٿيندو.