اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پا??ست??ن امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، پا??ست??ن عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پا??ست??ن جون خدمتون ان امر جو عملي نمونو آهي گڏيل قومن جو ميمبر هئڻ جي باوجود هندستان جي ظلم، بربريت ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي عالمي برادري کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ امن لاءِ پا??ست??ن جي مخلصاڻين ڪوششن کي عالمي برادري پاران ساراهيو پيو وڃي. عالمي امن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ هن وقت تائين پاڪ فوج جا 161 جوان شهيد ٿي چڪا آهن، پا??ست??ن جي 22 ڪروڙ عوام عالمي امن جي قيام لاءِ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي نوجوانن کي سلام پيش ڪري ٿي، هن چيو ته خطي ۾ هندستان جي والاريل ??شم??ر ۾ بدامني ?? ظلم ڪنهن کي نظر نٿو اچي. هن چيو ته پرامن افغانستان ئي پرامن پا??ست??ن آهي، هن چيو اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز کي به س??ام پيش ڪريون ٿا جنهن دائمي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، هن چيو ته پا??ست??ن نه رڳو پنهنجي ڌرتي پر عالمي امن لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو.