اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي 76 هي?? اجلاس جي موقعي تي فن لينڊ جي پنهنجي هم منصب پيڪاهاويسٽو سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻ??رف?? سياسي مشاورت جو اڳيو?? اجلاس جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻ??رف?? لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان فن لينڊ سان پنهنجي ٻ??رف?? لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ سفارتي رابطن جا 7 ڏهاڪا مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير هاويسٽو کي مبارڪباد ڏني ۽ فن لينڊ سان سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ معاشي لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ ۽ تعليمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻ??رف?? سياسي مشاورت جو اڳيو?? اجلاس جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اس??ام آباد ۾ فن لينڊ جو سفارتخانو ٻيهر کولڻ سان اسان جا واپاري لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جو فروغ ٻ??رف?? لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مددگار ثاب?? ٿيندو، پرڏيهي وزير فن لينڊ جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ ان کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ح??الي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.