اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو ته وز??راعظم عمران خان نيب چيئرمين جي مقرري جي لاءِ شهباز شريف سان مشاورت ??ه ڪندو، اسان جو واضح موقف آهي ته اپوزيشن سان ته مشاورت ??يندي پر شهباز شريف سان نه، جيڪڏهن مخالف ڌر جو شوق آهي ته ليڊر آف اپوزيشن سان مشاورت ??ئي ته ان کي پنهنجو مخالف ڌر اڳواڻ بدلائڻ گهرجي. شهباز شريف نيب جي ملزم آهي، ان سان مشاورت جو مطالبو ايئن آهي جيئن چور کان پڇي وڃي ته ان جو ٿاڻيدار ڪير هوندو.
قانون واري وفاقي وز??ر فروغ نسيم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جو مقصد نيب ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ آهي، نئون تجويز ڪيل قانون ان وقت قانون جي شڪل اختيار ڪندو جڏهن صدر ان تي صحيح ڪندو. هن چيو ته ان آرڊيننس جو ٻيو حصو ايڪٽ به ايندو، اسان آرڊيننس تي مخالف ڌر سان مشاورت ڪنداسين، مخالف ڌر کي دعوت ڏئي رهيا آهيون ته جيڪڏهن هو وڌيڪ ترميم يا پنهنجي راءِ ڏيڻ چاهين ٿا ته اسان کي فراهم ڪري، اسان پارليامينٽ ايڪٽ تحت ريفارمز آڻينداسين. هن چيو ته نيب وڏي ڪرپشن جي لاءِ ٺهيو هو، ان جو ڪاروبار ۽ ٻين شين کي شامل ڪرڻ سان نيب جو معيار ڪريو آهي، اسان نيب کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وز??ر چيو ته وز??راعظم عمران خان نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سان مشاورت ??ه ڪندو، ان باري ۾ اسان جو موقف وڏو واضح آهي ته مخالف ڌر سان ته مشاورت ??يندي پر شهباز شريف سان مشاورت نٿ?? ٿي سگهي ڇو ته شهباز شريف نيب جو ملزم آهي ۽ ان سان مشاروت جو مطالبو ايئن آهي جيئن چور کان پڇيو وڃي ته ان جو ٿاڻيدار ڪير هوندو.
هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر کي ليڊر آف اپوزيشن سان مشاورت ڪرائڻ جو شوق آهي ته ان کي پنهنجو مخالف ڌر اڳواڻ بدلائڻ گهرجي، هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ته اسان چورن کان پڇي ٿاڻيدار لڳايون، هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر ۾ ٿوري به حيا هجي ها ته هو پاڻ ئي مخالف ڌر جي عهدي تان هٽي وڃي ها، هڪ ماڻهو جيڪو نيب ۾ ملزم آهي ۽ هو پاڻ بضد آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري تي ساڻس مشاورت ڪئي وڃي، غير مناسب آهي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته اسان نيب مان نجي ۽ بئنڪنگ تڪرار?? ۽ ??يڪس کي ڪڍي ڇڏيو آهي، نيب جو ڌيان هاڻي وڏي ڪرپشن تي هوندو، نيب کي وڏين مڇين تي نظر رکڻي آهي، ان تي ڪيسز بڻجڻ گهرجن، هن چيو ته عدالتن جو تعداد به وڌايو پيو وڃي، ان جو طريقيڪار تبديل ڪري کين مضبوط ڪيو ويندو، پراسيڪيوشن جي مضبوطي لاءِ پراسيڪيوٽر جنرل جي آفيس کي به مضبوط ڪيو يو، هاڻي پراسيڪيوٽر جنرل جيڪو ريفرنس داخل ڪندو اهو ذميدار هوندو ته ان ۾ به سزا هجي، هن چيو ته قانون واري وزارت ??هريون ڀيرو ايف بي آر کي گرفتاري جو اخيتار ڏنو آهي.