اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فض?? الرحمان پارليامينٽ جو ??صو نه آهي، سندس ڳالهيون به بي معنيٰ آهن، مفادن جي سياست ڪندڙ اڄ 12 هون رانديگر بڻجي چڪو آهي، نه هو بيٽنگ ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي کيس بائولنگ جو موقعو ملي رهيو آهي، نواز شريف ته پاڻ ڀڳوڙو آهي، فض?? الرحمان جيڪڏهن نواز شريف جو ??يترو ئي خيرخواهه آهي ته کيس واپس وٺي اچي، نيب آرڊيننس جو مقصد احتساب جي عمل کي وڌيڪ موثر ۽ بهتر بڻائڻ آهي، انهن کي رڳو سيف الرحمان جهڙو احتساب اداري جو ??ربراهه گهرجي ته جيئن مرضي جو ??حتساب ڪرائين. مولانا فض?? الرحمان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت نيب آرڊيننس ??ارليامينٽ ۾ آڻي رهي آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ نيب کي بند ڪرڻ جي 34 ترميمن کانسواءِ ڪا تجويز آهي ته بحث جي عمل ۾ سامهون آڻي، فض?? الرحمان جو ??اڻو پاڻي بند آ??ي، انهي لاءِ جمهوري حڪومت کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڏينهن رات سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته فض?? الرحمان صاحب توهان جي رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ عرض آهي ته 2018ع ۾ عوام ووٽ جي طاقت سان توهان سميت پوري مخالف ڌر کي عبرتناڪ شڪست ڏني آهي، ناجائز، نااهل ۽ نالائق حڪومتون اهي هيون جن توهان کي پنهنجي اقتدار جو ??صو بڻايو ۽ توهان انهن جي لاءِ سهولتڪار بڻيا. هن چيو ته جيڪڏهن موجدوه حڪومت جا چونڊ سڌارا پسند نه آهن ته توهان پنهنجا سڌارا کڻي اچو، توهان ته ڌانڌلي نظام جي فروغ ۾ دلچسپي رکو ٿا.