گوادر – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي مفاد ۾ دستياب سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻ ۽ بلي?? اڪانومي کي استعمال ۾ آڻڻ جي عزم جو اظه??ر ڪندي چيو آهي ته اسان کي علائقائي رابطن ۽ واپار جي فروغ سان گڏ بحري معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، افغانستان ۾ م??تقل امن سان پاڪستان جي معيشت تي مثبت اثر پوندا، سيڪيورٽي فورسز کي سائبر حملن جي خلاف دفاع جي لاءِ به تي??ر ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته پاڪستان سامونڊي وسيلن ۽ بلي?? اڪانومي مان فائدو کڻڻ لاءِ پرعزم آهي. گوادر پو??ٽ نه صرف معاشي طور تي پر دفاعي اعتبار سان به اهم آهي، هن چيو ته وچ ايشيائي ملڪن سان واپار لاءِ رابطي رستن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، علائقائي رابط ۽ واپار جي فروغ سان بحري معيشت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته وچ ايشيائي ??لڪ افغانستان جي رستي گوادر بندرگاهه تائين واپار جي لاءِ بي چين آهن، افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن آيو آهي، افغانستان ۾ م??تقل امن سان اسان جي معيشت تي بهترين اثر پوندا. صدر چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن کي پناهه فراهم ڪئي، اسان کي انسانيت ۽ اخلاقيات جو درس ڏيندڙ قوم ڪورونا جي خلاف اسان جي حڪمت عملي جي هامي ڀري رهيا آهن، ڪورونا جي خلاف موجوده حڪومت جي وقت سر فيصلن سان نه رڳو عوام کي فائدو ٿيو پر ملڪي معيشت کي به فائدو پهتو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سموري فورسز ??لڪ جي دفاع ۽ مشڪل جي هر گهڙي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، سائبر جنگ ٻين خطرناڪ هٿيارن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، پاڪستان تي ڪيترائي ڀيرا سائبر حملا ڪيا ويا آهن، بدلجندڙ حالتن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي سائبر حملن جي خلاف دفاع جي لاءِ به تي??ر ڪرڻو پوندو.