ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن ون آن ون ملاقات ۾ معيشت، واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ روسي فيڊريشن جي ايگزيڪيوٽو هيڊڪوارٽرز ڪريملن پهچڻ تي صدر پيوٽن وزيرا??ظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو. وزيرا??ظم عمران خان ۽ روسي صدر ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن، بطرفي واپار، معيشت ۽ توانائي خاص طور تي پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ تعاون ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. 23 سالن کانپوءِ ڪنهن پاڪستاني وزيرا??ظم جو روس جو هي پهريون دورو آهي ۽ ان دوري کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي تجديد لاءِ هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو پيو وڃي.