اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ا??ان جي اولين ترجيح آهي، ملڪ ۾ يونيورسل ??يم??جنسي هيلپ لائين مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام جي لاءِ هنگامي مدد جو اهم ادارو هوندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان ??يم??جنسي هيلپ لائين (پي اي ايڇ اي ايل) 911 جو جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن جي چيئرمين انجنيئر معراج گل، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد حسنين عباس ڪاظمي ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، گلگت ??لتستان ۽ آزاد ڪشمير جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم عمران خان سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ان سروس جي حقيقي شروعات کان اڳ هيلپ لائين جي آزمائشي ۽ سافٽ لانچ ??ي ذريعي ان کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فعال بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم کي ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته هنگامي خدمتون فراهم ڪندڙ ادارا فائربرگيد، پوليس، طبي معاونت، قدرتي آفتن کان بحالي ۽ موٽروي پوليس سميت خدمتون فراهم ڪندڙ سمورن 36 انفرادي ??يم??جنسي نمبرز کي پاڪستان ??يم??جنسي هيلپ لائين 911 ۾ ضم ڪيو ويندو. ڪو به ضرورتمند شخص 911 تي ڪال ڪندو ۽ ڪال سينٽر ان جي ڪال کي لاڳاپيل حڪومتي ادارن ڏانهن موڪليندو. ڊيجيٽل پاڪستان قدم جي حصي طور اهو انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وزارت ۽ گهرو وزارت جو گڏيل منصوبو آهي. نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وزارت جو نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ان منصوبي کي آساني ??ان مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري فني معاونت ۽ انفراسٽرڪچر فراهم ڪندو جڏهن ته گهرو وزارت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مختلف ??يم??جنسي ريسپانس سروسز جي لاءِ رابطي ??ي ذميوار هوندي.