اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته گڏيل قومن ۽ او آء?? سي امن ۽ افهام تفهيم جي ڪلچر کي وڌائڻ جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي، هن اها ڳالهه 48 هين او آء?? سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ??ي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چئي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ??يو ته گڏيل قومن ۽ او آء?? سي جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا هلي رهيا آهن جيڪي گهڻ رخي تعاون، ڊائيلاگ ۽ يڪجهتي جي مستحڪم بنيادن تي قائم آهن. هن چيو ته اسان جي ٻنهي تنظيمن امن ۽ افهام تفهيم جي ڪلچر کي وڌائڻ جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ??يو ته تازن سالن ۾ اسان ثالثي، د??شتگردي جي خاتمي، پرتشدد انتهاپسندي کي روڪڻ، مسلمانن جي خلاف نفرت جو مقابلو ڪرڻ ۽ مذهبي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ سميت اهم شعبن ۾ تعاون ڪيو آهي.