اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ مرڪزي پارلياماني بورڊ جو اجلاس هتي منعقد ٿيو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي تحليل کانپوءِ ايندڙ چونڊن لاءِ اميدوارن جي تعين ۽ ٽڪيٽن جي ورهاست جي حوالي سان معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان جي صوبائي صدرن کي درخ??اس??ن جي وص??لي جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف وفاقِ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول ترين پارٽي آهي، تحريڪ انصاف جو ووٽ ب??نڪ نهايت تيزي سان وڌي رهيو آهي، ڪارڪن چون??ن جي تياري ڪن، هن چيو ته بهترين اميدوار ميدان ۾ لاهينداسين ۽ ڀرپور طريقي سان اقتدار ۾ واپس اينداسين.