اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر اهو اختيار نٿو رکي ته رولنگ ڏئي عدم اعتماد جي تحريڪ رد ڪري. اٽارني جنرل ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو سپريم ڪورٽ ۾ دفاع ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته جنهن ڏ??نهن عدم اعتماد تي ووٽنگ ٿي رهي هئي ان ڏ??نهن ڊپٽي اسپيڪر آئين جي ابتڙ رولنگ ڏني. ڊپٽي اسپيڪر اهو اختيار ئي نٿو رکي ته رولنگ ڏئي عدم اعتماد جي تحريڪ رد ڪري جنهن وقت عدم اعتماد تي ووٽنگ لاءِ تحريڪ پيش ٿي هئي ڊپٽي اسپيڪر رولنگ نٿو ڏئي سگهي، ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته اٽارني جنرل جنهن کي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو دفاع ڪرڻو هو، سپريم ڪورٽ آڏو رولنگ جو دفاع ڪرڻ کان انڪار ڪري ??لي?? ويو آهي.