اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ر??اني کر سان پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير سيد محمد علي حسيني پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب حنا ر??اني کر ايراني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير مسئلي جي حوالي سان ايران جي مستقل حمايت کي ساراه??ون ٿا، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ اهم عل??ئقائي ۽ عالمي معاملن تي موقف جي هڪجهڙائي خوش آئنده آهي.