اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف سان وڪ??ل اڳواڻن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله، قانون وارو وفاقي وز??ر سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل اشتر اوصاف پڻ موجود هئا جڏهن ته وڪ??ل اڳواڻن جي وفد ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر احسن ڀون، پاڪستان بار ڪائونسل جو سربراهه حفيظ الرحمان، لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر اڪبر ڊوگر، پنجاب بار ڪائونسل جو سربراهه جعفر طيار، اسلام آباد بار ڪائونسل جو سربراهه قمر سبزواري، سيد قلب حسن، امجد شاهه، مسعود چشتي، عابد ساقي ۽ ٻيا شامل هئا. وز??راعظم وڪ??ل برادري جي سينيئر چونڊيل اڳواڻن جي حڪومت تي ا??تم??د جا ٿورا مڃيندي چيو ته وڪ??ل ملڪ جو عظيم اثاثو آهن. حڪومت وڪ??لن جي پيشيواراڻي معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪندي. وز??راعظم قانون واري وفاقي وز??ر کي هدايت ڪئي ته وڪ??ل پروٽيڪشن ايڪٽ ۽ بار ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميمن تي فوري ڪم شروع ڪيو وڃي. وڪ??ل اڳواڻن وز??راعظم شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته وڪ??ل برادري جمهوري ادارن جي مضبوطي جي لاءِ ڪردار ادا ڪندي آئي آهي ۽ اڳتي به ڪندي. وڪ??ل اڳواڻن آئيني بحران جي حل ۾ عدليه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت عوام جي اميدن موجب معيشت کي سنڀالي وٺندي.