اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي ٻن مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پوئي??رن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر ??ي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ??تر وزيرستان ۾ 23 مئي جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي وا??ثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ساڻن افسوس جو اظهار ڪيو. صدر ??پاهي رحيم گل ۽ سپاهي ظهور جي وا??ثن سان ٽليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 19 مئي تي ڏکڻ وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد سنور جي وا??ثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر پاڪ فوج جي شهيدن کي ??طن تي جان نڇاور ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي بلند درجن ۽ پوئي??رن لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.