اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان فيڊرل بورڊ آف روينيو (??يف بي آر) جي چيئرمين عاصم احمد پارليامينٽ هائوس ۾ مل??قات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽرٽ موجب ??يف بي آر چيئرمين سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي تفتان جي ويجهو پاڪستان ايران بارڊر تي بازاچي جي قيام جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ??يف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته مقامي واپاري برادري کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ??ازارچي جي قيام جو منصوبو شروع ??يو آهي، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جلد ئي ان بازارچي جو افتتاح ڪندو، سينيٽ چيئرمين ??يف بي آر جي پاران کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته واپاري سرگرمين جي فروغ لاءِ ۽ مقامي واپارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي خاطر اهڙن منصوبن جو آغاز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن جو معيشت تي مثبت اثر پوندو. سينيٽ چيئرمين ان حوالي سان پنهنجو ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل م به ??يف بي آر پاران اهڙيون ڪوششون جاري رهنديون.