اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حياتي بچائيندڙ ??ي پي آر ٽريننگ مهم جي رجسٽر??شن جي شروعات ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي مهم جو حصو بڻجڻ جي خواهشمند رضاڪارن تي زور ڏنو آهي ته اهي 1166 تي ڪال ڪري پا?? کي رجسٽرڊ ڪرائين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سلمان صوفي چيو ته اهڙا ماڻهو جيڪي اڳ ۾ ئي ??ي پي آر ۾ پيشيواراڻ?? تربيت يافته آهن اهي رضاڪارن ج?? تربيت لاءِ رجسٽر??شن ڪرائين، مهم جو حصو بڻجن، تربيت حاصل ڪن، 10 وڌيڪ ماڻهن کي بنيادي ??ي پي آر جي ٽريننگ ڏين ۽ انعام حاصل ڪن. هن ٻڌايو ته ٽريننگ جي رجسٽر??شن لاءِ ڪنهن به عمر جا ماڻهو اهل هوندا. هن نوجوانن، عورتن، ٻارن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي رجسٽر??شن ڪرائين. هن چيو ته ايمرجنسي جي صورتحال ۾ وقت سر ??ي پي آر سان ڪنهن انسان جي حياتي بچائي سگهجي ٿي.