اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻوڏ مت??ثر کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪئي آهي ۽ وفاقي حڪومت فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس جي شڪل ۾ وقت سر قدم کنيا آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٻوڏ مت??ثر 2316453 ڪٽنبن ۾ 57 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ورهائي چڪي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ مت??ثر خاندانن ۾ 25 هزار رپيا في خاندان مالي امداد ورهائڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهي آهي. وفاقي حڪومت متاثرن کي مالي امداد جي فراهميءَ لاءِ فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس جي شڪل ۾ وقت سر قدم کنيا آهن جڏهن ته ٻوڏ مت??ثر علائقن ۾ قائم خاص ادائگي ڪيمپ مرڪزن مان پڻ ڪٽنبن کي روڪ رقم جي آسان ۽ شفاف فراهمي کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي، ڏکڻ پنجاب ۽ گلگت بلتست??ن ۾ فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس تحت هاڻ تائين مجموعي طور تي 2316453 ٻوڏ مت??ثر خنادانن ۾ 57,911,325,000 رپيا ورهايا ويا آهن. بلوچست??ن ۾ ٻوڏ مت??ثر 172910 خاندانن کي 4,322,750,000 رپيا، سنڌ ۾ 1613673 خاندانن کي 40,341,825,000 رپيا، ڪي پي ڪي ۾ 257496 خاندانن کي 6,437,400,000 رپيا، پنجاب ۾ 271994 خاندانن کي 6,799,850,000 رپيا، جڏهن ته گلگت بلتست??ن ۾ ٻوڏ مت??ثر 380 مت??ثر خاندانن ۾ 9,500,000 رپيا ورهائجي چڪا آهن. مجموعي طور تي گذريل ڏينهن ٻوڏ مت??ثر 72155 خاندانن قائم مختلف ڪيمپن مان روڪ رقم حاصل ڪئي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ادائگين ۾ شفافيت کي يقيني بڻا??ي سگهجي.