آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار، توانائي ۽ رابطن جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط ب??ائڻ، ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ رابطن جي فروغ ۽ اعتمادسازي جي قدمن ”سيڪا“ جي ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر کي ملڪ ۾ تباهي آڻين??ڙ ٻوڏ کانپوءِ حڪومت پاران شروع ڪيل بحالي جي ڪمن بابت آ??اه?? ڪيو. هن ماحولياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ قدرتي آفتن جي وڌندڙ خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر امام علي رحمان کيس ان سلسلي ۾ تاجڪستان پاران مسلسل تعاون جي خاطري ڪرائي جنهن ۾ ٻوڏ بابت ضروري امدادي ساما?? کڻي ويندڙ ٽرڪن جي اضافي قافلي جي روانگي پڻ شامل آهي. وزيراعظم گذريل مهيني ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي تاجڪ صدر سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ مسلسل وڌن??ڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطح جي رابطن، بين الپارلياماني رابطن ۽ ٽيڪنيڪي سطح جي ملاقاتن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن ٺوس تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. وزيراعظم توانائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جيڪو وچ ايشيا سان مستقبل ۾ توانائي جي لنگهه جو مرڪز هوندو. وزيراعظم خطي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي روڊ ٽرانسپورٽ ۽ فضائي رابطن جي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي زور ڏنو. هن تاجڪستان کي گوادر ۽ ڪراچي بندر??اه?? تائين پهچ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي کي مضبوط ب??ائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وسيع تر اقتصادي تعاون خاص طور تي واپار، توانائي ۽ زميني ۽ فضائي رابطي جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط ب??ائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.