اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي اڄ جي ڏينهن اي??ز سان منسوب بدنامي جي خاتمي جو وچن ڪرڻ گهرجي. اي??ز جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻارن ۽ گهٽ عمر ماڻهن ۾ اي??ز جا وڌندڙ ڪي??ز ڳڻتي جو سبب آهن. وزيراعظم صحت واري وزارت تي زور ڏنو ته هو اي??ز جي ٽيسٽنگ، ان جي خلاف آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ روڪڻ تي ڌيان ڏئي.