اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب هٿياربند ماڻهن پاران اينڪر پرسن شفا يوسفزئي جي گهر ۾ داخل ٿيڻ ۽ گهريلو ملازم?? تي تشدد جي شديد مذمت ڪئي آهي. اينڪر پرسن شفا يوسفزئي سان ٽيليفو?? تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي، پوليس کي جوابدارن جي جلد گرفتاري جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن شفا يوسفزئي ۽ سندس گهرڀاتين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. شفاف يوسفزئي اطلاعات واري وفاقي ??زير ٻڌايو ته واقعي جي وقت هو گهر ۾ موجود نه هئي، جوابدارن گهريلو ملازم?? تي تشدد ڪيو ۽ انهن کي ڌمڪيون ڏئي هليا ويا. شفاف يوسفزئي ٻڌايو ته جوابدار گهر جي اندر داخل نه ٿي سگهيا ۽ فرار ٿي ويا. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته اهڙي طرح جي واقعن جو خات??و ڪيو ويندو.