اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (??ي پي پي) پاڪستان افغان عملدارن تي زور ڏنو آهي ته اهي افغانستان ۾ شاگردياڻين جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم ??ي معطلي ??ي فيصلي تي نظرثاني ڪن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??اڪستان کي افغانستان جي شاگردياڻين جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم ??ي معطلي بابت ڄاڻي مايوسي ٿي آهي. ترجمان چيو ته ان معاملي تي پاڪستان جو موقف واضح آهي ۽ اسان جو پڪو يقين آهي ته ??ر مرد ۽ عورت کي اسلام جي حڪمن موجب تعليم ??اصل ڪرڻ جو فطري حق حاصل آهي. بيان ۾ افغان عملدارن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي ان فيصلي تي نظرثاني ڪن.