اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اسپتال جي 37 ملازمن کي ڪور??نا هيلٿ رسڪ الائونس ڏيڻ جي حڪم جي توثيق ڪندي رسڪ الائونس ڏيڻ جي لاءِ تازي سمري پي ايم سيڪريٽريٽ موڪلڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ون?? موجب صدر وفاقي محتسب جي حڪم جي خلاف قومي صحت خدمت وار?? وزارت جي اپيل رد ڪري ڇڏي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ري هيبلي ٽيشن مڊيسن (نِرم) ۽ فيڊرل گورنمينٽ سروسز اسپتال جي 37 ملازمن کي نان ڪلينيڪل قرار ڏئي الائونس کان محروم ڪيو ويو هو، مقبول احمد ۽ ٻين شڪايت ڪندڙن الائونس نه ملڻ تي وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪندڙن جو موقف هو ته اهي ادارن جي سربراهن جي هدايت تي خطري جي باوجود ڪور??نا وائرس جي وبا ۾ فرض سرانجام ڏيندا رهيا، ڪيترن ئي ملازمن کي ڪور??نا رسڪ الائونس ادا ڪيو ويو جڏهن ته انهن کي نان ٽيڪنيڪل اسٽاف قرار ڏئي امتيازي سلوڪ ڪيو ويو. شڪايت ڪندڙن موجب ڪلينيڪل ۽ نان ڪلينيڪل ملازم هڪ جهڙي طور تي پنهنجي اسپتالن ?? ڊيوٽي سرانجام ڏيندا رهيا. فيصلي موجب آگسٽ 2021ع ۾ وزارت وفاقي سرڪاري اسپتالن/ ادارن جي طبي عملي کي ڪور??نا هيلٿ رسڪ الائونس ڏيڻ جي لاءِ فنڊ فراهم ڪيا، فيڊرل گورنمينٽ پولي ڪلينڪ پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ اسلام آباد به فائدو کڻندڙن مان هڪ هو، 2020ع ۾ سمورن ملازمن کي ڪور??نا رسڪ الائونس ڏنو ويو جڏهن ته 2021ع ۾ 37 ملازمن کي نان ڪلينيڪل قرار ڏئي الائونس کان محروم ڪيو ويو. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ته ڪلينيڪل ۽ نان ڪلينيڪل عملو هڪ جهڙي خطري واري ماحول ۾ ڪم ڪري ٿو، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايجنسي جي باقي 37 ملازمن کي الائونس ڏيڻ جي سفارش ڪئي. صدر صحت وار?? وزارت جي اپيل بدانتظامي ثابت ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏي آهي.